ريتي ويجهو ،2 ريل گاڏيون ٽڪرائجي ويون، 40 مسافر اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

گھوٽڪي/ريتي/ڏھرڪي: ريتي ويجهو ٻن ريل گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 40 ٿي ويو، جڏهن ته 40کان وڌيڪ مسافر زخمي آهن، ڊي سي گهوٽڪي پاران 34 مسافر فوت ۽ 40 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ريلوي انتظاميه موجب ڪراچي کان سرگوڌا ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون ۽ ان دوران لاهور کان ڪراچي ويندڙ سر سيدايڪسپريس- ملت ايڪسپريس جي بوگين سان ٽڪرائجي وئي، حاثو ڏهرڪي ۽ ريتي لين اسٽيشن جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ ملت ايڪسپريس جون 8 ۽ سرسيد ايڪسپريس جي انجڻ سوڌو 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهچي امدادي ڪاررواين جو آغا ز ڪيو، زخمين ۽ فوتين کي صادق آباد، اوٻاوڙو، ڏهرڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن وقت تائين 40 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 60 کان وڌيڪ مسافر زخمي پڻ آهن، فوت ٿي ويلن ۾ ريلوي جا 4 ملازم به شامل آهن، مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت حادثو پيش اچڻ تي امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته حادثي واري جاءِ تي ميڊيڪل ريليف ڪيمپ لڳائي وئي جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ متاثر مسافرن جي هر قسم جي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ مسافر ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي ڪري قومي شاهراهه طرف روانا ٿي ويا، ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ٽرينن جا ڊرائيور ۽ عملو محفوظ آهي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 13 کان 14 بوگيون پٽڙي تان لٿيون جن مان 8 بوگين کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، هيوي مشينري نه پهچڻ ڪري هٿ جي ڪٽر سان ڪم وٺندي لاش ڪڍيا ويا آهن، ريلوي کاتي پاران حادثي جي جاچ لاءِ 21 گريڊ جي آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي جڏهن ته فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 15 لک ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو ۽ زخمين کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ کان 3 لک روپيا امدادي رقم ڏني ويندي، ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته روهڙي ريليف ٽرين حادثي جي طرف رواني ڪئي وئي آهي، ريلوي، مقامي پوليس، مقامي انتظاميه ريليف جي لاءِ موقعي تي موجود آهن، جڏهن ته مسافرن جي سهولتن لاءِ ڪراچي، سکر، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ۾ هيلپ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور هيلپ لائن نمبر جاري ڪري ڇڏيو ۽ مسافر هن نمبر تي 03325895316 رابطو ڪري سگهن ٿا. ٽرين ڊرائيور اعجاز احمد جو چوڻ آهي ته رات جو 3 لڳي 40 منٽ جي ويجهو ڪراچي ويندڙ ٽرين جا دٻا ڪريل هئا جن کي ڏسي بريڪ لڳائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر گاڏي نه رڪي، حادثي جي جاچ ۾ هي ثابت ٿي ويندو ته مان جاڳيل هئس..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔