دهشتگردن سان تعلق: فاروق ستار ۽ انيس ايڊووڪيٽ طلب

ڪراچي: سي ٽي ڊي پاران ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشتگردي جو نيٽ وارڪ ٺاهيندڙ گروهه کي گرفتار ڪيو هو، جن فاروق ستار ۽ انيس ايڊووڪيٽ سان تعلق جو اعتراف ڪيو هو، اڄ ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد حامد پاران فاروق ستار ۽ انيس ايڊووڪيٽ کي طلبي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، سي ٽي ڊي پاران فاروق ستار جي گهر ۽ جنهن نجي هوٽل ۾ هو رهائش پذير آهي اتي به نوٽيس موڪليا ويا آهن. ڊي آءِ جي موجب انيس ايڊووڪيٽ ۽ فاروق ستار کان دهشتگردن سان تعلق جي باري ۾ پڇيو ويندو، ٻنهي کان پڇيو ويندو ته حيدرآباد ۾ دهشتگرد ڪارروائين م سندن ڪهڙو ڪردار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔