توھين عدالت جي درخواست تي ايس ايڇ او اولڊ ميرپورخاص کي معطل ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ توهين عدالت جي درخواست تي ايس ايڇ او اولڊ ميرپورخاص جي معطلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ کي ايس ايڇ او خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آھي، فاريسٽ کاتي جي ميرپور خاص سنڌڙي جي آر ايف او حنا سليم توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواستگذار جو چوڻ ھو تھ پهرين جون تي لاڳاپيل عدالت ٻيلي کاتي جي نرسري تي مبينا قبضو ڪري ٻوٽن کي نقصان پهچائيندڙ خوشحال لوهاڻو کي جيل موڪليو هو، عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته فاريسٽ کاتي جي عملدارن جي فرياد تي ڄاڻايل شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، موقف اختيار ڪيو ويو تھ عدالتي حڪم باوجود ايس ايڇ او اولڊ ميرپورخاص ستار گرگيز ڪيس داخل ڪرڻ بدران فاريسٽ کاتي جي ٻن ملازمن رياض احمد ۽ جهمٽ شر کي گرفتار ڪري لکيل ايف آءِ آر تي صحيح ورتي آهي، آر ايف او سنڌڙي پاران الزام ھنيوويو تھ پوليس عدالتي حڪم تحت جيل موڪليل درخواست گذار خوشحال لوهاڻو کي بچائڻ چاهي ٿي، عدالت ايس ايڇ او کي معطل ڪندي آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل ايس ايڇ او خلاف جاچ ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔