سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر تماشو ڪيو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اجلاس ۾ مخالف ڌر تماشو ڪيو، پي ٽي آئي ۽ متحده نعرا هڻي رهيا هئا ته ڪراچي کي پاڻي ڏيو ائين ڪري انهن کي اليڪشن ۾ جيڪا ذلت نصيب ٿي هئي ان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ جيڪي به ضمني چونڊون ٿيون انهن ۾ پ پ وڏي مارجن سان ڪامياب ٿي آهي ، هڪڙو وفاقي وزير پنهنجي سيٽ ڇڏي ۽ ان جي پارٽي پنجين نمبر تي اچي اها وڏي ذلالت آهي. هن چيو ته گذريل چئن پنجن ڏينهن کان پ پ صوبي ۾ پاڻي جي قلت تي آواز اٿاري رهي آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي سڙي رهيا آهن، ارسا سنڌ جو پاڻي روڪي ڇڏيو آهي جيڪڏهن سنڌ جا خيرخواه هجن ها ته پاڻي معاملي تي پ پ جو ساٿ ڏين ها. هن چيو ته تڪراري آدمشماري جي نتيجن تي ايم ڪيو ايم دستخط ڪري نتيجا قبول ڪيا آهن، آدمشماري ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ خلاف ووٽ ڏنو، وڏي وزير ان معاملي تي گڏيل سيشن سڏائڻ لاءِ خط لکيو آهي، مخالف ڌر جي اڄوڪي حرڪت ڊرامي کانسواءِ ڪجهه به نه هو، ڪراچي کي پاڻي به وفاق کان جيڪو صوبي کي پاڻي ملي ٿو اتان ئي ملندو آهي، جيڪڏهن هو ڪراچي جا خيرخواه آهن ته وزارتن تان استعيفائون ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔