سنڌ ۾ ڪورونا جا 925 نوان ڪيس ظاهر، 16 مريض فوت

ڪراچي : گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا جا 925 نوان ڪيس ظاهر جڏهن ته 16 مريض فوت ٿي ويا اهڙي ريت صوبي ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 5105 تي پهچي چڪو آهي. وبا مان اڄ وڌيڪ 1509 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحٿتياب ٿيندڙن جو ڪل انگ 293510 ٿي چڪو آهي، هينئر تائين 4166527 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جن مان 322333 ڪيس مثبت رپورٽ ڪيا ويا آهن. هن وقت 23718 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 890 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 79 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔