ڏوھن تي ڪنٽرول ڪيو يا گھر وڃو: ڪراچي پوليس چيف ايس ايڇ اوز کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام جي لاءِ ڪراچي جي پوليس چيف عمران يعقوب منھاس سرگرم ٿي ويو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي لاڳاپيل 30 ٿاڻن کي تنبيھي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تھ شھر جي 50 سيڪڙو اسٽريٽ ڪرائيم انھن 30 ٿاڻن جي حدن ۾ ٿي رھيا آھن، لاڳاپيل ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڏوھن تي ڪنٽرول ڪن يا گھر وڃن، نوٽيس ۾ چيو ويو آھي تھ ٿاڻيدار علائقن ۾ پيٽرولنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ کي وڌائن، ڪنھن سان بھ رعايت نھ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔