ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ليز وارا گهر مسمار ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اورنگي ۽ گجر نالي آپريشن ۾ ليز ٿيل گهر مسمار ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اورنگي ۽ گوجر نالي جي متاثرين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ليز تي ڏنل گهر ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو؟ ان تي ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ رڳو قبضن جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو. جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ليز تي گهر مسمار ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ته پوءِ اهي ڇو ختم ڪري رهيا آهيو.؟ جيستائين سپريم ڪورٽ طرفان وضاحت نه ڏني ويندي، تيستائين آپريشن نه ڪيو وڃي. عدالت گجر ۽ اورنگي نالين تي اسٽي آرڊر ۾ وڌ ڪندي ڪي ايم سي، ڪمشنر ڪراچي، سنڌ سرڪار ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔