پاڪستان ٺاهڻ وارو سنڌ آهي، 91 ٺاهه تحت پاڻي ڏنو وڃي: شاهه محمد شاهه

سکر: مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو آهي ته سنڌ جو وڏو مسئلو پاڻي جو آهي جيڪو انساني حيات لاء اهم آهي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ وارو سنڌ آهي، 91 ۾ جيڪو پاڻي ٺاهه ٿيو ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ ماڻهو ۽ آبي حيات تڙپي رهيا آهن، سليڪٽيڊ وزير اعظم صوبن کي وڙهائي رهيو آهي، هن چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي وڙهايو پيو وڃي جيڪو عمل خطرناڪ ثابت ٿيندو، سنڌ کي حصي موجب مڪمل پاڻي ڏنو وڃي، هن چيو آهي ته صحافت جي آزادي کان بغير ملڪ هلڻ مشڪل آهي، اسلام آباد ۾ به صحافي غير محفوظ آهن ۽ سنڌ ۾ لا ان آرڊر جي صورتحال خراب آهي، هن چيو آهي ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، مراد شاهه توهان محافظ آهيو امن ڪرايو چڪر لڳائي هليا نه وڃو، هن وڌيڪ چيو آهي ته شيخ رشيد ٻين جي پگهار تي ڪم پيو ڪري، سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت ۽ مذاحمت ڪئي ويندي،مخدوم جاويد هاشمي جو گهر ڊاهي حراسان ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، خورشيد شاهه جمهوريت جي بحالي لاءِهميشه ڪردار ادا ڪيو آهي، خورشيد شاهه کي ضمير جو قيدي بڻايو ويو، وزير اعظم پاڻ چور آهي، کنڊ ۽ اٽي جو چور آهي، مريم نواز ۽ شهباز شريف ۾ ڪي به اختلاف ناهن،۔پي ڊي ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪيو ويندو، پي ڊي ايم مان نه ڪو ويندو ۽ نه ڪنهن کي ڪڍي سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔