رنڇوڙ لائين جي سونارا مارڪيٽ ۾ ڏيڍ هفتي دوران ٻي واردات

ڪراچي: رنچوڙ لائين جي سونارا مارڪيٽ ۾ ڏيڍ هفتي دوران ٻي واردات ٿي آهين جنهن دوران چور هڪ دڪان تان لکين رپين جي ماليت جا سونا زيور ٻهاري ويا. رنڇوڙ لائين جيولرز مارڪيٽ جي ترجمان جو چوڻ هو ته عيد گاهه ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهن جي شرح مسلسل وڌي رهي آهي. پوليس جهڙي ريت لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ م الرٽ آهي اهڙي ريت ڏوهن کي روڪڻ لاءِ الرٽ ڇو نه آهي؟ ترجمان چيو ته واپاري اڳ ئي پريشان آهن هاڻ چوري عروج تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔