ڪراچي: متحده لنڊن جو دهشتگرد منصور عرف لامبا گرفتار

ڪراچي: رينجرز ۽ پوليس، انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ هڪ گڏيل آپريشن ۾ انتهائي گهربل جوابدار سيد محمد منصور عرف لامبا کي گرفتار ڪري ورتو، سندس واسطو متحده لنڊن سان آهي. ملزم جي قبضي مان هٿيار ، بارود ، پوليس يونيفارم ۽ ٻيون چوري جون شيون هٿ ڪيون ويون. جاچ دوران ملزم سيد محمد منصور عرف لامبا اعتراف ڪيو ته هو اسٽريٽ ڪرائم ، ڀتا خوري ، جعلسازي ، لکين رپين جي ڦرلٽ ، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فليٽ ۽ پلاٽن جي قبضي ۾ ملوث هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔