او ليول جي امتحانن جي لاءِ برٽش ڪائونسل کي اين او سي جاري

ڪراچي: حڪومت پاڪستان او ليول جي لاءِ خصوصي امتحان جي لاءِ برٽس ڪائونسل کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو تھ او ليول جا خاص امتحان 26 جولائي کان 6 آگسٽ تي ٿي سگھندا ۽ امتحانن کانپوءِ او ليول جا شاگرد سيپٽمبر کان اي ليول يا ايف اي، ايف ايس سي ۾ داخلا وٺي سگھندا. وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ ھو تھ انھيءَ کان اڳ جولائي ۾ او ليول جا امتحان منعقد ڪرڻ جي مثال نٿي ملي، جولائي ۾ امتحان وٺڻ تي ڪيمبرج جا شڪر گذار آھيون، ھڪ ٽوئيٽ ۾ شفقت محمود جو چوڻ ھو تھ ڪورونا وبا زندگي جي سڀني شعبن خاص ڪري تعليم ۾ انتھائي مشڪلاتون پيدا ڪيون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔