عدالت پاران سنڌ يونيورسٽي انتظاميه کان پروفيسرز پاران ڏنل امتحان جو رڪارڊ طلب

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سليڪشن بورڊ کان 2018ع ۾ ڀرتي ڪيل لا جي پروفيسرز پاران ڏنل امتحان جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، درخواستگذار چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا 2018ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسرز جي 3 سيٽن لاءِ 5 اميدوارن کان انٽرويوز ورتا، انتظاميا انٽرويوز دوران رولز جي خلاف ورزي ڪندي من پسند پروفيسرز کي ڊين فئڪلٽي لا ۾ ملازمتون ڏنيون، درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏنا ته جن اميدوارن کي 19 هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ پروفيسرز لاءِ مقرر ڪيو ويو انهن ۾ اهليت ئي نه آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بوردز, ڊين فئڪلٽي لا مسز عيسا قاضي ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کائن 8 جون تي انٽرويوز ۽ ملازمتون ڪندڙ اميدوارن جي اهليت بابت سمورو اصل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔