سنڌ حڪومت جو ڪاروباري ماڻهن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن تي وفاقي حڪومت کي خط

ڪراچي: سنڌ حڪومت واپارين کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن تي وفاقي حڪومت کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ ۾ واپارين ۽ ڪاروباري برادري کي حراسان ڪرڻ جون شڪايتون آهن، وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارنجا عملدار صنعتڪارن کي هراسان ڪري رهيا آهن، سنڌ جي محنت کاتي وفاقي سيڪريٽري وزارت سمنڊ پار پاڪستانيز ۽ انساني وسائل کي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اي او بي آءِ جا آفيسر ۽ اهلڪار سنڌ ۾ ڪاروباري طبقي جي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيا آهن، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪاروباري برادري جي خدشن جو ازالو ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ مقرر اي او بي آءِ عملدارن کي قانوجي خلاف ڪم کان روڪي ۽ فوري طور تي ڪاروباري طبقي جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي، خط ۾ چيو ويو ته معاشي سرگرمين جي تسلسل ۽ صنعتڪارن جي مشڪلاتن جي لاءِ ازالي لاءِ قدم کنيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔