جوابدار دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، انصاف وٺي رهنداسين: ام رباب

دادو: دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب، سردار احمد چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت مختصر ٻڌڻي بعد ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيوآهي ته اسان جو وڪيل اڄ به دليل ڏيڻ لاءِ تيار هو پر مخالف ڌر جو وڪيل تيار نه هو، هن چيو آهي ته مان هر دفعي دانهيندي آئي آهيان ته جوابدار ڌر جا وڪيل ديرجا حربا ڪري رهيا آهن جنهن جو ميڊيا گواهه آهي، ام رباب جو چوڻ هو ته جوابدار ڌر مون کي ٿڪائڻ ۽ جهڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر مان واضع ڪيان ٿي ته نه مان ٿڪڻ جي آهيان نه جهڪڻ جي، اسان کي عدالتن تي يقين آهي ا۽ سان انصاف وٺنداسين، هن چيو آهي ته اڄ عدالت جوابدار ڌر کي آخري موقعو ڏنو آهي ته هو هاءِ ڪورٽ مان فيصلو وٺي اچن نه ته ماڊل ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔