حيدرآباد: پاڻي چوري ۾ملوث ٻه سب انجنيئرز معطل

حيدرآباد: آبپاشي کاتي جي نصير ڊويزن ۾ پاڻي جي چوري واري مامري ۾ ٻن سب انجنيئرز کي معطل ڪيو ويو آهي، چيف انجنيئر سکر بئراج ٻنهي سب انجنيئرن کي معطل ڪيو، جاري ڪيل آرڊر ۾ بڪيراڻي سيڪشن جو سب انجنيئر الله بخش عالماڻي ۽ چمبڙ سيڪشن جي فراز احمد کي معطل ڪيو ويو ويو آهي، آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي سب انجنيئرز سرفراز برانچ جي مائينرز مان پاڻي چوري ۾ ملوث هئا، جنهن ڪري کين معطل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔