هاءِ ٽينشن لائينز ۾ فني خرابي ختم ٿيڻ بعد ڪراچي کي بجلي جي فراهمي بحال

ڪراچي: هاءِ ٽينشن لائينز ۾ فني خرابي ختم ٿيڻ بعد ڪراچي کي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ چيو آهي ته هاءِ ٽرانسميشن لائينز بلديه هڪ ۽ 2 ۾ فني خرابي کي ختم ڪيو ويو آهي، شهر کي مرحليوار بجلي مهيا ڪئي پئي وڃي، ڪوشش آهي ته جلد مڪمل طور بجلي بحال ٿي وڃي، ترجمانن موجب هاءِ ٽينشن لائينز ۾ فني خرابي سبب ڪراچي کي نيشنل گرڊ مان بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي، بريڪ ڊائون سبب شهر جي اڌ کان وڌيڪ علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔