سنڌ ۾ ڪورونا سبب 1411 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 18 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 1411 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي ريت صوبي ۾ فوتين جو ڪل انگ 4909 ٿي چڪو آهي. اڄ 830 مريض صحتياب ٿيڻ بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 280997 ٿي چڪو آهي. هن وقت ڪورونا جا 22195 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 844 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي جڏهن ته 71 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔