سنڌ ۾ عيد کانپوءِ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ، موجوده پابنديون ٻن هفتن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ ۾ عيد کانپوءِ ڪورونا ڪيسز ۾واڌ ٿيڻ سبب ٽاسڪ فورس طرفان موجوده پابنديون ايندڙ ٻن هفتن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ سنڌي جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڊاڪٽرز، چيف سيڪريٽري ۽ آجي سنڌ سوڌو ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٽاسڪ فورس طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ٻن هفتن لاءِ سمورا سياحتي مرڪز، سي ويو، هاڪس بي ۽ تفريحي پارڪس ٻن هفتن لاءِ بند رهندا، جڏهن ته واڪنگ ٽريڪس کليل رهندا، سومر کان دڪان شام 6 وڳي تائين ايس اوپيز تحت کليل رهندا، جڏهن ته انٽرسٽي ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلندي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڏنڊ وڌو ويندو، ڊپارٽمنٽل اسٽور به شام 6 تائين کليل رهندا، اسڪولز کلڻ جو فيصلو تڏهن ڪيو ويندو جڏهن ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ ان حوالي سان تعليم واري وزير تعليمي ادارن ۾ استادن جي وئڪسينيشن ڪرڻ جو به بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته شادي هالز به بند رهندا، اجلاس ۾ ڳالهائيندي صحت واري سيڪريٽري چيو ڪراچي اوڀر ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا ڪيسز جي شرح وڌي 15 سيڪڙو ٿي وئي، حيدرآباد ۾ شرح 11 سيڪڙو ۽ ٻين ضلعن ۾ 5.40 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 30 ڏينهن ۾ ڪورونا وگهي 213 مريض فوت ٿي چڪا آهن، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رپورٽس مان ظاهر ٿيو ته عيد کانپوءِ ڪورونا ڪيسز جي شرح لڳاتار وڌي رهي آهي، صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو موجب 19 مئي تي 2076 ڪيس ۽ 21 مئي تي 2136 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، ذريعن موجب سنڌ سرڪار ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ تي ڪراچي ۾ سخت لاڪ ڊائون جو امڪان آهي جنهن لاءِ لاڳاپيل آفيسرز کان سفارشون طلب ڪيو ويون آهن، ذريعن موجب پوليس آفيسرن سينيئرن عملدارن کان بجيٽ جو مطالبو ڪندي چيو ته بجيٽ جي بغير لاڪ ڊائون پوليس لاءِ ڪمائي جو ڌنڌو بڻجي سگهجي ٿو ،گذريل لاڪ ڊائون ۾ پوليس کي بجيٽ ڏنو ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔