ڪراچي مان ڊاڪٽر مبينا طور اغوا، رپورٽ داخل

ڪراچي : ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان نجي ڪلينڪ جو ڊاڪٽر مبينا طور اغوا ٿي ويو، جنهن جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فرخ جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فرخ 2 ڏينهن اڳ دوست سان ملڻ جو چئي گهران نڪتو ته وري واپس نه موٽيو، هن جو موبائل به مسلسل بند پيو وڃي، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو، پوليس موجب ڊاڪٽر جي گمشدگي جي رپورٽ درخشان ٿاڻي تي درج ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔