پروفيسر ناصر سليم سڊل اين آءِ سي ايڇ ۾ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مقرر

ڪراچي: سنڌ حڪومت ناصر سليم سڊل کي ٻارڙن جي وڏي اسپتال اين آء سي ايڇ ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ناصر سليم سڊل کي اين آء سي ايڇ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ بابت ٽائيم نيوز خبر به بريڪ ڪئي هئي. 18هين گريڊ جو ناصر سليم سڊل 3 سالن لاء جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ليئان تي ويل هو جتي کيس 21هين گريڊ ۾ ترقي ملي. ليئان تان واپس اچڻ بعد قانوني طور تي کيس ساڳئي گريڊ ۾ مقرري ڪرڻي آھي پر قانوني معاملن کي پاسيرو رکي 21هين گريڊ واري اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ڪجھه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر جمال رضا رٽائرڊ ٿيو هو جنهن بعد ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وارو عهدو خالي پيل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔