شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل، لاڳاپيل ادارن کي فيصلي کان اگاهه ڪري ڇڏيو: شيخ رشيد

اسلام آباد:  شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بحري ۽ فضائي ادارن کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اپوزيشن اڳواڻ جي ٻاهر وڃڻ سان ڪيس متاثر ٿيندو کيس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته  هي سلطاني گواهن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. نوازشريف ئي واپس ناهي  آيو ته سندس ننڍو ڀاءُ وري ڪيئن ايندو. انصاف جي تقاضا آهي ته سمورن جوابدارن سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شهباز شريف جي پرڏيهه وڃڻ سان ڪيس متاثر ٿيندو آهي.

ليگي اڳواڻ کي جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته کيس واپس آڻڻ مشڪل هوندو. شريف خاندان جا 5 ڄڻا مفرور ۽ لنڊن ۾ ويٺل آهن. شهباز شريف نوازشريف کي آڻڻ جي بجاءِ پاڻ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف ضمانت ڏني هئي ته نوازشريف کي واپس آڻينداسين. جنهن ڏينهن عدالت جو فيصلو آيو شهباز شريف ان ڏينهن ٽڪيٽ بڪ ڪرايو. شهباز شريف جي خلاف ڪيس ۾ 4 ڄڻا وعده معاف گواهه بڻجي ويا آهن. اپوزيشن اڳواڻ چاهي ته 15 ڏينهن ۾ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.

ڊيل بابت مون وٽ ڪابه رپورٽ نه آهي. آرمي چيف واضح چيو آهي ته فوج جمهوري حڪومت سان گڏ آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته غزه جي صورتحال تي سموري اسلامي دنيا  ڏکويل آهي. فلسطين جي صورتحال تي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد آندي وڃي. سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ چين اهم ڪردار ادا ڪيو. عمران خان ڪامياب ٿيندو ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍندو.

هوڏانهن وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي جاري  پنهنجي بيان ۾  اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته وفاقي ڪابينه شهبازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.

فواد چوڌري چيو ته قانوني ضابطا مڪمل ٿيڻ تي(ن) ليگ جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهي لاڳاپيل رڪارڊ اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن وفاقي حڪومت طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف مٿان پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اپوزيشن اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔