قسمت مهربان ٿيندي ئي نائجيريا جو نوجوان رات وچ ۾ سپر ماڊل بڻجي ويو

لاگوس: نائجيريا جو اڀرندڙ ماڊل علي اولاڪومني اڄ کان ڏيڍ مهينو اڳ هڪ بي گهر نوجوان هو جيڪو سڄو ڏينهن مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو هو ۽ ٿڪجڻ کان پوءِ کيس جتي جڳهه ملندي هئي اتي ئي سمهي پوندو هو.اچو ته اوهان کي ٻڌايو ته نوجوان تي قسمت ڪيئن مهربان ٿي. ٿيو ڪجهه ائين ته اپريل جي شروعات ۾ لاگوس جي هڪ ايڊورٽائيزنگ ايجنسي ۾ ايفولائي عرف اي ايل نالي گري اينيو ڊائريڪٽر اوسون اسٽيٽ ۾ هڪ پل جي هيٺيان پنهنجي سموري عملي سميت موجود هو. اها جڳهه ان هڪ تازي فوٽو شوٽ جي لاءِ چونڊ ڪئي هئي پر جنهن ماڊل کي ان فوٽو شوٽ ۾ ڪم ڪرڻو هو اهو ڪنهن سبب جي ڪري لوڪيشن تي نه پهچي سگهيو.تياري مڪمل هجڻ سبب ايفولابي اهو فوٽو شوٽ ڪنهن به صورت ۾ ملتوي ڪرڻ نٿي چاهيو. ان ڪري ان پل جي هيٺيان ئي چڪر لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڪجهه پري ان کي پل جي هيٺيان ستل ڪجهه ماڻهو نظر آيا جنهن مان هڪ جو حليو ان کي گهربل ماڊل جي حساب سان بهترين لڳو. ايفولابي فورن ان کي فوٽو شوٽ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي.. علي اولاڪومئي نالي اهو نوجوان پهريان ته گهبرائجي ويو پر پوءِ جلد ئي سنڀلجي ويو ۽ ان ايفولابي جي آڇ قبول ڪري ورتي.هڪ ڪلاڪ جي اندر ماڊل جا ڪپڙا علي ايفولائي کي پهرايا ويا جيڪو حيرت انگيز طور تي بالڪل فٽ آيا. فوٽو شوٽ شروع ٿيو ۽ ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو. ٻئي ڏينهن ايفولابي اهو واقعو تصويرن سميت پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪري ڇڏيو.اهڙي طرح علي جي نالي سان هڪ نئين ماڊل جو جنم ٿيو. هاڻ ايفولابي جي فالوورز جو انگ هزارن ۾ پهچي چڪو آهي. جيڪڏهن اوهان جي خيال ۾ اهو واقعو معمولي آهي ته ياد ڪريو ته پاڪستان ۾ به ائين ئي هڪ چانهه وارو هو جيڪو سوشل ميڊيا جي بدولت راتو رات شهرت جي بلندين تي پهچي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔