پاڪستاني سفارتخانا جيئن هلن پيا تيئن وڌيڪ نٿا هلي سگهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستاني سفارتخانا جهڙي ريت هلي رهيا آهن، تيئن وڌيڪ نٿا هلي سگهن، سفارتخانن جو بيٺڪي دور وارو رويو قابل قبول ناهي. وزيراعظم پرڏيهه ۾ موجود پاڪستاني سفيرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب مان ڳڻتي جوڳا اطلاع ملي رهيا هئا، فيڊبيڪ سٺو نه هو، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، سندن موڪليل ناڻي سبب پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان سفيرن جو رويو سٺو هجي، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني بابت راءِ طلب ڪئي ته اها حيران ڪندڙ هئي، بدقسمتي سان پاڪستاني سفارتخانن جو پنهنجي شهرين سان رويو بهتر ناهي هوندو. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي به سفارتخانن جون شڪايتون موصول ٿيون آهن، سفارتڪارن جو ڪم پنهنجن شهرين جي خدمت ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔