ڪراچي ۾ غيرقانوني تعمير روڪڻ ۾ ناڪامي، عدالت جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڪاوڙ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ غيرقانوني تعمير روڪڻ ۾ ناڪامي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مٿان ڪاوڙ جو اظهار، ڊي جي ايس بي سي اي کي 24 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو جي ڊي ٻڌائي ته عدالتي فيصلن تي عمل ڇو نه پيو ٿئي؟ ٻڌڻي دوران شهري فرقان چيو ته نارٿ ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون جاري آهن، منهنجي گهر اڳيان به اونچي عمارت تعمير ڪئي وئي، اختيارين طرفان عدالتي حڪم تي ڪوبه عمل نه پيو ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔