ڀارت ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري آءِ پي ايل ملتوي

نئين دهلي: ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انڊين پريميئر ليگ کي في الحال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب گذريل ٻن ڏينهن ۾ چار رانديگرن ۽ ٽن اسٽاف ميمبرن جون ڪورونا ٽيسٽون مثبت آيون آهن جنهن کانپوءِ انتظاميا فوري طور آءِ پي ايل جا باقي ميچ روڪي ڇڏيا آهن، نئين تاريخ ۽ جاءِ جي حوالي سان بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.
يا رهي ته ڪرڪيٽ بورڊ آفيشلز پاران ڪجهه ڏينهن پهريان تائين دعوا پئي ڪئي وئي ته آءِ پي ايل لاءِ تيار ڪيل بائيو ببل دنيا جي محفوظ ترين جاءِ آهي جتي ڪورونا جو گهڙڻ مشڪل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔