اسلام آباد: 20 عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ سيريل ريپسٽ گرفتار

اسلام اباد: اسلام آباد پوليس هڪ اهڙي شخص کي گرفتار ڪيو آهي جنهن 20 کان وڌيڪ عورتن سان جنسي زيادتي ڪئي ۽ سندن نازڪ عضون تي تکي اوزار سان ڌڪ پڻ هنيا. اسلام آباد پوليس جي هڪ ليڊي ڪانسٽيبل پڻ انهن 20 عورتن ۾ شامل آهي، جن سان جوابدار جنسي ڏاڍائي ڪئي. جوابدار انهن عورتن کي اسلام آباد هاءِ وي تي ان جاءِ تي نشانو بڻائيندو رهيو آهي ، جتي روز وي وي آئي پي موومينٽ لاءِ سيڪيورٽي روٽ لڳايا ويندا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جو هڪ وڏو انگ اتي موجود هوندو آهي. ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسر رخسار مهدي پرڏيهي خابرو اداري کي بي بي سي کي ٻڌايو ته جوابدار جنهن عورت سان ريپ ڪرڻ چاهيندو هو، ان جي پهريان ريڪي ڪندو هو، ان ۾ ٻه کان ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا. ان دوران هو عورتجي آفيس وڃڻ ۽ گهر موٽن جا تفصيل گڏ ڪرڻ بعد وجهه وٺي کين جنسي هوس جو نشانو بڻائيندو هو. هن چيو ته جوابدار وٽ بي هوش ڪرڻ واري دوا سان گڏ تکي ڌار وارو اوزار به هوندو هو ته جيڪڏهن ڪا عورت مزاحمت ڪري ته مٿس حملو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس کي ان بابت تڏهن خبر پئي جڏهن هڪ عورت ڪرال پوليس اسٽيشن ۾ رپورٽ داخل ڪئي ته هڪ نامعلوم شخص مٿس حملو ڪيو ۽ کيس جهنگ ۾ وٺي زيادتي جو نشانو بڻايو. جاچ ٽيم جي آفيسر جي مطابق ، متاثر عورت جي بيان جي روشني ۾ جوابدار جو هڪ خاڪو ٺاهيو ويو ۽ اهو خاڪو مختلف ماڻهن کي ڏيکاريو ويو. خاڪو ڏسڻ بعد هڪ شخص فوري طور تي جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي ته هن سندس ٽن ڌيئرن سان ڏاڍائي ڪئي آهي. رخسار مهدي چيو ته سادن ڪپڙن ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي ۽ ٻن ڏينهن بعد جوابدار کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو ڇوڪريءَ کي جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو. ڊي ايس پي رخسار مهدي مطابق، هن جهڙا 3 واقعا رپورٽ ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته اڪثر متاثر ڇوڪرين پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ رپورٽ داخل نه ڪرائي. جاچ ٽيم جي آفيسر مطابق ، جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوبدار عورتن کي پهرين هٿيار ڏيکاري خوفزده ڪندو هو، جيڪڏهن ڪا عورت هٿيار ڏيکارڻ جي باوجود شور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته جوبدار کيس بيهوش ڪري پنهنجي حوس جو نشانو بڻائيندو هو. اهلڪار موجب ، ملزم ڪيترن ئي عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ پوءِ تيز اوزار سان انهن جي جسم جي نازڪ حصن تي حملو پڻ ڪيو. هن ٻڌايو ته جوابدار جي عمر تقريبن 25 سال آهي ۽ هو مڊل پاس آهي ۽ اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه لاهور ۾ مختلف گهرن ۾ بورچي طور ڪم ڪندو رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ ساڳئي هنڌ تي اسلام آباد پوليس جي هڪ عورت ڪانسٽيبل تي پڻ جنسي حملو ڪيو ويو ۽ پوليس اهلڪارن جي دعويٰ آهي ته ان جوابدار ئي ليڊي ڪانسٽيبل سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. پوليس ان حوالي سان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس ۾ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو سيڪشن 7 پڻ شامل ڪيو ويو آهي. جاچ ٽيم مطابق ، هينئر تائين جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار واقعن ۾ اڪيلو آهي ۽ ڪو ٻيو ساٿي ان ۾ ملوث ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔