سنڌ ۾ 24ڪلاڪن اندر ڪورونا وگهي 9 مريض فوت، 1122 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا وگهي 9 مريض فوت ٿي ويا، 1122 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگ اکر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وگهي 9 مريضن دم ڏئي ڇڏيو آهي، 15297 ڪورونا ٽيسٽن مان 1122 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اڄ 612 مريض صحتياب ٿي ويا، جڏهن ته 16567 مريض علاج هيٺ آهن، 592 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، 56 ڄڻا وينٽي ليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔