سنڌ مان 341 شهري گم هئڻ جو انڪشاف، نئين لسٽ عدالت ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ مان 341 شهري گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي رينج مان 307، حيدرآباد رينج مان 17، سکر رينج مان 9، لاڙڪاڻي رينج مان 7، ميرپورخاص رينج مان هڪ شهري جي گمشدگي رپورٽ ٿي آهي، رڳو شهيد بينظيرآباد رينج مان ڪو شهري گم ناهي ٿيو پوليس رپورٽ موجب ڪراچي جي اولهه زون مان 128 ۽ اوڀر زون مان 118 ۽ ڏکڻ زون مان 61 شهري لاپتا آهن. پوليس پنهنجي رپورٽ موجب گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔