اين اي 249: 6 مئي تي ٻيھر ڳڻپ ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري نواز ليگ جي درخواست منظور ڪري ورتي، ووٽنگ جي ٻيهر ڳڻپ 6 مئي تي ڪرائي ويندي، اليڪشن ڪميشن طرفان سمورين ڌُرين کي 6 مئي تي آر او آفيس پهچڻ جو حڪم، اليڪشن ڪميشن نوا زليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي درخواست تي محفوظ ڪيل مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 6 مئي تي صبح جو 9 وڳي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ شروع ڪئي ويندي، پيپلز پارٽي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ به ڪاميابي لاءِ پُراميد، پ پ اُميدوار قادر خان مندوخيل اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد چيو آهي ته پڪ اٿئون ته ٻيهر ڳڻپ ۾ به پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي، ذلت نواز ليگ جو مقدر بڻجي چڪي آهي، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ جي دليلن کي صحيح قرار ڏئي ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو ڏنو ويو آهي، انشاءَ الله 6 مئي تي نواز ليگ ڪامياب ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔