ڪراچي: 7 ورهين جي معصوم نينگري سان ڏاڍائي، علائقي واسي مڇرجي پيا

ڪراچي: عيسيٰ نگري ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان مبينه زيادتي واري واقعي بعد علائقي واسي مڇرجي پيا. علائقي واسين پاران جوابدار جي گھر جو گھيراءُ ڪيو ويو- اطلاع تي پوليس پهتي ته پوليس مٿان به حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 اھلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ هو ته ٻارڙي سان مبينه زيادتي بعد مڇريل ماڻھن جوابدار جي گھر جو گھيراء ڪري ورتو، اطلاع تي مددگار 15 پوليس پھتي ته مڇريل ماڻھن پٿرن، ڏنڊن سان پوليس تي حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ 4 اھلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس تي حملي بعد اھلڪارن جي فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جنهن بعد مظاھرين شاھ سلمان روڊ تي گڏ پهچي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، بعد ۾ مظاهرين سان ڳالهين بعد روڊ کولرايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔