ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڃا به ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران صوبائي وزيرن کي شهرن جا دورا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اجلاس دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو، پوليس ۽ ڪمشنر ڪراچي کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت، اجلاس کي بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز اچڻ جي شرح 10.2 ۽ حيدرآباد ۾ 14.52 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔