سول ايويئيشن اٿارٽي ۾ پائليٽس کانپوءِ جي ايم سيڪيورٽي به جعلي هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : سول ايويئيشن اٿارٽي ۾ پائليٽس کانپوءِ جي ايم سيڪيورٽي به جعلي هجڻ جو انڪشاف، سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري تي ڀرتي ٿيل جنرل مئنيجر سيڪيورٽي نديم زبيري کي پينشن جاري ڪرڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سول ايويئيشن انتهائي بدحال کاتو آهي، پائليٽ جعلي لائسنس تي جهاز اُڏائيندا رهيا، ماڻهو جعلي ڊگري تي سيڪيورٽي جهڙي حساس عهدي تي به نوڪري مڪمل ڪري ويا، ايئرپورٽ تي سي سي ٽي وي ڪئميراز به ڪم نه پيون ڪن، تڏهن ته ايئرپورٽس تي اسمگلنگ ٿيندي آهي، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪرڻ بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔