اين سي او سي پاڪستان ايندڙ ايئر ٽرئفڪ 80 سيڪڙو گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اين سي او سي ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ تي پاڪستان ايندڙ ايئر ٽرئفڪ 80 سيڪڙو گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سافرن جي فاسٽ ٽريڪ ايپ ۾ رجسٽريشن ۽ 72 ڪلاڪ اڳ پي سي آر منفي ٽيسٽ رپورٽ ڏيکارڻ لازمي قرار، مسافر ٽيسٽ مثبت اچڻ تي 10 ڏينهن قرطينه ٿيڻ جا پابند هوندا، پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ ايڊوائيزري جاري، اين سي او سي هدايتن تي عمل لاءِ پرڏيهي کاتي، گهرو وزارت ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز سوڌو سول ايويئيشن اٿارٽي کي به خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته 4 کان 20 مئي تائين فضائي سفر محدود رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔