حڪومت جو گلگت بلتستان لاءِ 370 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان

گلگت: حڪومت گلگت بلتستان جي لاءِ 370 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو. گلگت ۾ تقريب کي خطاب ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته 5 سالن ۾ 370 ارب رپيا ترقياتي ڪمن جي لاءِ خرچ ڪيا ويندا، بجلي جي نظام لاءِ 9 منصوبا ۽ روڊن جا 5 وڏي منصوبا آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان کان خوبصورت علائقو دنيا ۾ ڪٿي ناهي، وزير اعظم جو ويزن ٻهراڙي وارن علائقن کي ترقي ڏيڻ آهي، بلوچستان ۽ سنڌ کان پوءِ هاڻ هتي ترقياتي پيڪي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته وڏي وزير خالد خورشيد گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سنجيده آهي ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي لاءِ ڏاڍو زبردست ڪم ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔