ملڪ ۾ ڪورونا جا وار، 146 ماڻهو فوت، 4 هزار 96 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 146 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 18 هزار جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته 4696 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ مجموعي ڪيسز 8 لک 25519 تائين پهچي ويو، جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 90553 ٿي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 3344 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 17009 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 283560 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4645 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ مريضن جو تعداد 303182 آهي ۽ 8500 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 22369 ۽ فوتين جو انگ 236 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75498 آهي ۽ هن وقت تائين 683 مريضن فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔