ن ليگ کي شڪست قبولڻ گهرجي، پ پ هڪ تير سان کوڙ شڪار ڪيا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ پ هڪ تير سان شينهن سميت ڪيترائي شڪار ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان حڪومت کي هر ميدان ۾ شڪست ڏياري، پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪراچي جو عوام پي ٽي آءِ حڪومت سان ناهي، هن اين اي 249 بلديا ڪراچي ۾ تاريخي ڪاميابي ڏياري ۽ پوءِ پي ٽي آءِ کي عبرت ناڪ شڪست ڏني، عوام مخالف ڌر سان گڏ بيٺو آهي ۽ هن سليڪٽڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ن ليگي دوستن کي هار مڃڻ گهرجي، جيڪڏهن الزام هڻي رهيا آهن ته ثابت به ڪن، مرمي نواز جو بيان غير ذميواراڻو آهي، عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ جي بدران پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻ ۽ اپوزيشن سان ئي اپوزيشن ڪرڻ هنن جو شوق آهي، ڌانڌلي جا ثبوت آهن ته آڏو آڻيو نه ته ناڪامي کي قبول ڪيو. هن چيو ته تاريخ کڻي پڙهي ڏسو ته ڪهڙي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ڌانڌلي ڪئي آهي، ڪهڙي پارٽي سليڪٽ ٿيندي رهي، ڪهڙي پارٽي اريجنل سليڪٽڊ آهي؟ هاڻ هي اسان کي ليڪچر ڏيندا؟ ن ليگ کٽي ها ته آئون پاڻ شهباز شريف کي فون ڪري واڌايون ڏيان ها، شڪست تي ن ليگ جو رد عمل انتهائي ٻاراڻو آهي جنهن جو نقصان به هن کي ئي ٿيندو، اسان هڪ تير سان بيٽ، پتنگ، ڊولفن، ملا ۽ سميت ڪيترائي شڪار ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔