ملير ۾ بحريه ٽائون انتظاميا طرفان مختلف ڳوٺن تي مبينا قبضي لاءِ آپريشن دوران چڪريون

ملير: ملير ۾ بحريه ٽائون انتظاميا طرفان مختلف ڳوٺن تي مبينا قبضي لاءِ آپريشن دوران چڪريون، آپريشن ۾ شامل روينيو عملدار ۽ پوليس به گهر بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪندڙ ڳوٺاڻن تي ڪڙڪي پئي، فائرنگ ۽ لٺبازي ۾ 5 ڳوٺاڻا زخمي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بحريه ٽائون انتظاميا عبدالله گبول ڳوٺ ۽ نور محمد ڳوٺ سوڌو ٻين ڳوٺڻ ۾ غيرقانوني قبضي لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، ڳوٺاڻن کي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ چڙهايون ڪيون وڃن ٿيون، رابطن باوجود ايس ايس پي ملير به بحريه ٽائون انتظاميا جو آپريشن روڪرائڻ ۾ ناڪام، پ پ ايم پي اي سليم بلوچ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون لاءِ زمين مخصوص ڪئي هئي، اُن کان وڌيڪ ڳوٺن تي قبضو ڪرڻ لاءِ چڙهايون مذمت جوڳو عمل آهي، ڳوٺاڻن کي بي گهر ڪرڻ ۽ زيادتين کي برداشت نه ڪيو ويندو، مقامي رهواسين جو ڳوٺ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔