بشير ميمڻ ڪوڙا الزام لڳائي رھيو آھي: فروغ نسيم

ڪراچي : قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هوُ ڪڏهن به بشير ميمڻ سان ناهي مليو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فروغ نسيم چيو ته اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت هُن ڪڏهن به بشير ميمڻ سان ملاقات ناهي ڪئي، اهڙي ڳالهه من گهڙت آهي. قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته بشير ميمڻ ڪڏهن به شهزاد اڪبر يا اعظم خان سان گڏ منهنجي آفيس ناهي آيو. سندس چوڻ هو ته اعظم خان هڪ ڀيرو قانون ۾ سڌارن بابت ڳالهه ٻولهه لاءِ منهنجي آفيس آيو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔