فريال ٽالپر نااهلي ڪيس: عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪيس ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت ڪيس ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ فريال ٽالپر جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ فريال ٽالپر جو وڪيل فاروق نائيڪ پيش ٿيو، جنهن دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ نااهلي بحال ڪيو،

پي ٽي آءِ ايم پي ارسلان تاج ۽ رابعه افضل طرفان فريال ٽالپر کي نا اهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جن جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس کولي ڇڏيو،

هن چيو ته ٻنهي ايم پي ايز جي عدم پيروي تي اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو درخواست رد ڪري چڪو هو ۽ 8 فيبروري تي ٻيهر درخواست اچڻ تي اليڪشن ڪميشن ڪيس کي ٻيهر کوليو،

اليڪشن ڪميشن کي 8 فيبروري واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڪارروائي کان روڪيو وڃي، عدالت اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔