گلبرگ،نارٿ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي ۽ لياقت آباد ۾ لاڪ ڊائون

ڪراچي: ڪورونا ڪيسن سبب وچ ضلعي جي 4 ٽائونز جي مختلف علائقن ۽ رهائشي يونٽس ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.

انتظاميا پاران جاري نوٽيفيڪيشن موجب گلبرگ،نارٿ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي ۽ لياقت آباد جي مختلف علائقن ۽ رهائشي يونٽس ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي جيڪو 27 اپريل کان 11 مئي تائين لاڳو هوندو.

نوٽيفيڪيشن موجب چئن ئي ٽائونز ۾58ڪورونا جا مريض موجود آهن ۽ مائڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پاران هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي تي هنيو ويو آهي.

نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو ته  آهي ته متاٿر علائقن ۾ اچ وڃ ڪندڙ سمورن ماڻهن لاءِ ماسڪ لازمي هوندو جڏهن ته لاڪ ڊائون دوران متاثر علائقن جا ماڻهو پنهنجي چر پر محدود ڪن.

نوٽيفيڪيشن موجب لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ ڪاروباري توڙي صنعتي سرگرميون معطل هونديون جڏهن ته ڊبل سواري ۽ اجتماعن پڻ پابندي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔