ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ٿيندي

ڪراچي: ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي حوالي سان گائيڊ لائينز ۽ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پولنگ جي سموري عمل ۾ پرزائيڊنگ آفيسرز سان گڏ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار به هوندا، هر پرزائيڊنگ آفيسر لاڳاپيل پولنگ ايجنٽس کي فارم 45 جي تصديق ٿيل ڪاپي پولنگ اسٽيشن تي ئي مهيا ڪرڻ جو پابند هوندو، ڪورونا ايس او پيز بابت اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پولنگ دوران سماجي وٿي کي برقرار رکيو ويندو، پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيندڙ ووٽر کي ماسڪ پهريل نه هوندو ته عملو ماسڪ مهيا ڪندو، اليڪشن ڪميشن طرفان ووٽرز کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ جي به اپيل.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔