اسلام آباد: نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ٽٽل جماعت کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هاڻي اهو سلسلو ختم نه ٿيندو، جيئن جيئن چونڊون ويجهو اينديون ته ڪو به اڳواڻ پي ٽي آءِ جِي ٽڪيٽ تي چونڊ نه وڙهندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته حڪمرانن اڳ ئي ڪشمير ڀارت جِي جهولي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪشمير وارَي معاملي ۾ سازش جي ڌپ اچي رهي آهي، هن چيو ته هِي سمجهن ٿا ته ڪو فيصلو ڪري وٺندا پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، نالائق حڪمرانن کي عوام وڌيڪ برداشت نه ڪندو، نون ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو ته عمران خان ٻِئي ڪنهن کي نه پر پاڻ کي اين آر او ڏئي رهيو آهي، هيءَ حڪومت عوام لاءِ وڏي لعنت آهي، اسان ته برداشت ڪريون ٿا پر عوام پنج سال برداشت نٿو ڪري سگهي……………