اسان کي مڪمل لاڪ ڊائون کان اڳ تياري ڪرڻي پوندي:فواد چوڌري

اسلام آباد: اسان کي مڪمل لاڪ ڊائون کان اڳ تياري ڪرڻي پوندي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون جي صورت ۾ عام واهپي جي شين جي سپلاءِ متاثر نه ٿئي، حڪومت عيد تي به پنج ڏينهن جي موڪل ڪري رهي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٿوري مُدي ۾ سڀني کي ڪورونا وئڪسين نٿي لڳائي سگهجي، هيل تائين 20 لک ماڻهن کي وئڪسين لڳائي وئي آهي، هڪ سال ۾ 60 هزار وينٽي ليٽر جو اضافو ڪيو ويو، صحت جي شعبي ۾ 500 ميٽرڪ ٽن گئس موجود آهي، ايران ۽ چين سان آڪسيجن امپورٽ ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون هلندر آهن، آڪسيجن جي ضرورت پئي ته صنعتن کي آڪسيجن جي فراهمي گهٽائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔