وزير اعظم سمورا مطالبا مڃيا، جهانگير ترين جي حامي ميمبرن جي دعويٰ

اسلام آباد: جهانگير ترين جي حامي ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم سندن سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن. پي ٽي آءِ جَي هم خيال گروپ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران مطالبن ۽ تجويزن تي ٻڌل ڊرافٽ پيش ڪيو، جهانگير ترين جَي حامي 30 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جِي قيادت راجا رياض ڪئي، ميمبر قومي اسيمبلي راجا رياض چيو ته اجلاس ۾ وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته انصاف هر صورت ۾ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي. نذير چوهاڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم اسان جا سمورا مطالبا قبول ڪري ورتا ، شهزاد اڪبر بابت خدشن تي وزيراعظم چيو ته جهانگير ترين ڪيس جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ، جهانگير ترين جي حامي گروپ وزير اعظم سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهايو. ان موقعي تي ميمبر صوبائي اسيمبلي نذير چوهاڻ چيو ته وزيراعظم اسان جي ڳالهه تفصيل سان ٻڌي ، اسان وزير اعظم جي اڳيان تحفظات رکيا ، وزيراعظم يقين ڏياريو آهي ته جهانگير ترين سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي ، اسان مطالبو ڪيو ته شهزاد اڪبر جي ٽيم کان ڪيس واپس وٺي اڻ ڌري ٽيم ٺاهيو. قومي اسيمبلي راجا رياض چيو ته وزير اعظم سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون ، وزيراعظم کين يقين ڏياريو آهي ته انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪيو ويندو، وزيراعظم سان ملاقات کان پهريان ايم اين ايز، جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي هئي. وزيراعظم سان ملاقات ۾ جهانگير ترين موجود نه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔