مريم نواز ڪراچي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪراچي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب مريم نواز جو ڪراچي واو دورو ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي زندگين جي تحفظ ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي خاطر اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ اهي ته مريم نواز ڪورونا جي صورتحال سبب ڪراچي جو دورو ملتوي ڪيو آهي. واضح رهي ته اڄ شام مريم نواز کي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچڻو هو جتي هو اين اي 249 جي ننڍي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪرڻو هو جڏهن ته آچر جي ڏينهن ان جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون به شيڊول هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔