پراميد آهيان ته عدالت انصاف ڪندي ۽ 10 مئي تي فيصلو اچي ويندو: ام رباب

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ اُم رباب جَي 3 گهر ڀاتين جَي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اُم رباب ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو ته پراميد آهيان ته عدالت انصاف ڪندي ۽ 10 مئي تي فيصلو اچي ويندو، جوابدارن ڪيس جي ڪارروائي لاڙڪاڻي ۾ هلائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي پر سپريم ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ٻڌائي چڪي آهي ته فيصلو ڪٿي هلندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔