ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آءِ سي سي لاءِ چيلينج بڻجي ويو

لاهور:ڀارت ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آءِ سي سي ڀارت ۾ ڪووڊ 19 جي وڌندڙ ڪيسن تي انتهائي ڳڻتي آهي ان ڪري آءِ سي سي ڀارت ۾ وبا جي صورتحال جو غور سان جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آءِ سي سي جو وفد ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارت جو دورو ڪندو پر وفد لاءِ موجوده صورتحال ۾ ڀارت وڃڻ کي به چيلينج قرار ڏنو.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت 9 وينيوز جو به جائزو وٺڻو آهي، آءِ سي سي جو جائزو وٺڻ جو حتمي فيصلو ڪندو.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آڪٽوبر نومبر ۾ ڀارت ۾ کيڏڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔