ماڻهن جي چِهرن تي مرڪون وکيريندڙ ليجنڊري اداڪار معين اختر جي 10 ورسي تي سندس سارَ

ڪراچي: ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجي فن وسيلي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريندڙ ليجنڊري اداڪار معين اختر جي وڇوڙي کي اڄ 10 ورهيه وهامي ويا پر هو اڄ به پنهنجي مداحن جي دلين ۾ موجود آهي .

هاف پليٽ جو شاعر هجي يا روزي جي لافاني ڪردار، معين اختر هر ڪردار نهايت ئي بهتر انداز ۾ نڀايو ، 24 ڊسمبر 1950 ع ۾ سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اکيون کوليندڙ معين اختر 16 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي فني ڪيرئير جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي.

اسٽيج ڊرامن ۾ ”بڍا گهر پي هي “، ۽ ”بڪرا قسطون پر “ معين اختر کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، جڏهن ته روزي ، ففٽي ففٽي ، هاف پليٽ ، شو ٽائيم، انتظار فرمائيي ۽ آنگن ٽيڙها ۾ به هن پنهنجي جاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا .

معين اختر بهترين اداڪار، ميزبان ، پروڊيوسر ، ڊائريڪٽر ۽ گلوڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، هن اسٽيج ، ريڊيو ، ٽي وي ۽ فلمن ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جا ڀرپور جوهر ڏيکاريا .

هن 1974 ع ۾ فلم ”تم سان نهين ديکا “ ،”مسٽر ڪي ٽو “ ۽ ”مسٽر تابعدار“ ۾ به پنهنجي ڪم سان شوقينن کي خوف لطف ڏنو، معين اختر جي خدمتن جي عيوض کيس پرائڊ آف پرفارمنس ، لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ ستاره امتياز سان به نوازيو ويو.

اسڪرين تي انور مقصود ۽ بشريٰ انصاري سان معين اختر جي جوڙي کي سدائين پسند ڪيو ويو.

پاڪستان جي لاءِ سدائين فخر  جو باعث بڻيل هي عظيم فنڪار معين اختر 61 ورهين جي ڄمار ۾ 22 اپريل 2011 ع تي ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، پر هو پنهنجون يادون ڪروڙين مداحن جي دلين ۾ڇڏي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔