ڪالعدم ٽي ايل پي جو ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

لاهور: ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور جي مرڪزي ڌرڻي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ بابت ٺهراءُ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور جو مرڪزي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ ٽي ايل پي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪري رڳو لاهور جو ڌرڻو جاري رکڻ جو چيو هو. ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪالعدم جماعت جي اڳواڻ شفيق اميني ۽ شوريٰ جي ٻين ميمبرن ڪيو. شفيق اميني جو چوڻ هو ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين معاملن ۾ به هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔