قومي اسيمبلي اجلاس: وفاقي گهرو وزير جي پاليسي بيان دوران اپوزيشن جو گوڙ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ لاهور واقعي ۽ امن امان جِي صورتحال تي وفاقي گهرو وزير جي پاليسي بيان دوران اپوزيشن جو گوڙ، شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪي سلامتي ۽ دفاع تي ساڍي چار وڳي قوم کي خطاب ڪندو، پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ حڪومت فاشٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا تي بليڪ آئوٽ آهي ۽ ملڪ افواهن جي ور چڙهي ويو، وزيراعظم ٽي وي تي خطاب بدران قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏئي ها، هِن معاملي تي حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ٻڌايو وڃي ته حڪومت کي ٽي ايل پي سان معاهدي جو اختيار ڪنهن ڏنو ۽ اُهو معاهدو پارليامينٽ آڏو ڇو پيش نه ٿيو، حڪمران ماڻهن کي انتهائي خطرناڪ رُخ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، موجوده حڪومت کان وڌيڪ فاسشٽ ڪير به نه آهي، مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادر چيو آهي ته ڪابه سياسي ۽ جمهوري حڪومت اهڙن واقعن جي سٽ نٿي سهي سگهي، چئن مهينن تائين معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳالهين جا در به کُليل رکيا، اڄ شام جو به ڳالهين جو ٽيون دور ٿيندو، اُميد ته مسئلو بهتر نموني حل ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان ناموسِ رسالت جي مامري کي دُنيا ۾ ڦهلايو آهي، ائين ڪنهن به مذهبي جماعت ناهي ڪيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔